ڪوٽڙي ۾ گونگي ناري شيرين جو قتل، جوابدار اعتراف ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو

ڪوٽڙي (ڊ.ر) ڪوٽري پوليس طرفان گونگي ناريءَ کي بدترين تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ جوابدار رحمان شيخ شيرين بروهيءَ جي لڄ لُٽڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پوليس موجب پُڇاڳاڇا دوران جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هُن گونگي ناريءَ سان لڄالٽ ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس بدترين تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن لڄالٽ ۽ بدترين تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ٿيل گونگي ناري شيرين بروهريءَ جي جنازي نماز ملڪ اسد سڪندر اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ن ليگ ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. شيرين بروهيءَ جو مڙهه جنازي نماز بعد ايراني پير قبرستان ۾ دفنايو ويو. ٻئي پاسي شيرين بروهيءَ جي بيرحماڻي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس گرفتار جوابدار رحمان شيخ جو بلاول ميڊيڪل اسپتال مان ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *