ڪوٽڏيجي لڳ هٿياربندن معصوم ٻارڙن سامهون سندس امڙ ۽ والد کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش 2 ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل رهيا

ڪوٽڏيجي (م.ڊ) ڪوٽڏيجي روڊ تي جاڙا ٽڪر واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. گلبهار چنو زال ۽ ٻارن سان گڏ چونڊڪو کان ڪوٽ بنگلو وڃي رهيو هو ته ڪوٽڏيجي روڊ تي ڪار سوار هٿياربندن روڪي مٿن سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا. ڄاڻ ملڻ باوجود سوراهه ۽ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي پوليس دير سان پهتي، جنهن جي ڪري لاش ٻن ڪلاڪن تائين رستي تي پيل رهيا ۽ مقتول جوڙي جا چار ٻارڙا اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته گلبهار چنو اصل ٺري ميرواهه جو رهواسي هو، جيڪو 8 سال اڳ پسند جي شادي ڪرڻ بعد چونڊڪو ۾ رهڻ لڳو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *