ڪومل رضويءَ کي سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي وٺڻ مهانگي پئجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي نالي واري ڳائڻي ڪومل رضويءَ کي بيماريءَ جي بستري تي پيل پاڪستان جي مشهور سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي وٺڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي مهانگي پئجي وئي. سماج جي خدمت ڪندڙڻ ۾ سڀ کان وڏو نالو ڊاڪٽر عبدالستار ايڌي اڄ ڪلهه سخت بيماريءَ جي ڪري بستري ڀيڙو آهي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس عيادت ڪري رهيا آهن. ڳائڻي ڪومل رضويءَ به جڏهن سندس عيادت جي لاءِ وئي ته هُن عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي تصوير ڇڪي ورتي، پر سندس اهو عمل کيس ايترو وزنائتو پيو جو هُن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اپلوڊ ڪيل تصويرن تي تنقيد جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ ڪيترن ئي مائهن ڪومل جي غلط ٽائيم تي سيلفيءَ واري شوق کي ننديو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *