ڪولمبو ٽيسٽ ۾ سريلنڪا پاڪستان جا ترا ڪڍي ڇڏيا، مهمان ٽيم پهرين اننگز ۾ 138 رنسن تي ڍير

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز): پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ پهرين ئي ڏينهن 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪولمبو جي ميدان تي پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهرينبيٽنگ جو فيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ پاڪستاني بيٽنگ ٻارن کان به وڌيڪ خراب نظر آئي، محمد حفيظ 42، اظهر علي 26، ياسر شاهه 15 ۽ سرفراز احمد 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته باقي 7 بيٽسمين ڊبل فگرز ۾ ئي نه پهتا، پهرين ٽيسٽ ميچ هارائيندڙ سريلنڪا جي ٽيم ٻي ٽيسٽ ۾ قهر بڻجي پاڪستاني بيٽنگ تي ڪڙڪي پئي، ڪوشال جي جاودوگري پاڪستاني بيٽسمينن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ سڄي قومي ٽيم 138 رنسن تي همت هارائي ويٺي، ڪوشال 5 شڪار ڪري پاڪستان جي اننگ 42 ڏهائي 5 اوورن ۾ ختم ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته پرساد 3 ۽ چميرا هڪ وڪيٽ ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *