ڪوشش هئي ته ڪنهن پاڪستاني فلم يا ڊرامي ۾ ڪردار ملي پر ڪنهن به رابطو نه ڪيو: رضا مراد

لاهور (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا رضا مراد چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران هن ڪوشش ڪئي ته کيس ڪنهن فلم يا ڊرامي ۾ ڪردار ملي وڃي پر ڪنهن به ساڻس رابطو نه ڪيو، پاڪستاني دورو پورو ڪري ڏيهه واپسي دوران واهگا بارڊر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا مراد چيو ته سندس خواهش هئي ته هو پاڪستاني فلمن يا ڊرامن ۾ ڪم ڪري، جنهن لاءِ هن ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪوششون به ڪيون پر ساڻس ڪنهن رابطو ئي نه ڪيو، پاڪستان ۾ مليل پيار بابت سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ رهڻ دوران گهرڀاتين ايتري ته شاپنگ ڪئي جو کيسا ئي خالي ٿي ويا، هو زال کي شاپنگ ڪرائيندي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو پر پاڪستان ۾ کيس سڀني ايترو پيار ڏنو جو سندس دل ڀرجي وئي، رضا مراد چيو ته هو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آيو هو ۽ پاڪستان مان واپس ويندي تمام گهڻيون محبتون ميڙي وڃي رهيو آهي. ان موقعي تي رضا مراد جي گهرواري جو چوڻ هو ته هوءَ پاڪستان مان تمام گهڻيون سٺيون يادون کڻي وڃي رهي آهي،پاڪستان ۾ ايتري محبت ملي جو دل روئڻ لاءِ چوي ٿي، هوءَ ان ڪري واپس وڃي رهي آهي ته جيئن ٻيهر پاڪستان اچي سگهي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *