پي ٽي آءِ پاران پنهنجون سيٽون بلوچستان جي وڏي وزير کي ڏيڻ جو اعلان، ڪوشش آهي ته ن ليگ جو سينيٽ چيئرمين نه چونڊجي: عمران خان

پشاور/اسلام آباد (اين اين آءِ/ اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجون سينيٽ جون 13 ئي سيٽون بلوچستان جي وڏي وزير کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان هئڻ گهرجي، ان حوالي سان فيصلو ڪيو آهي ته اسان پنهنجون 13 ئي سيٽون بلوچستان جي وڏي زوير جي حوالي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀني جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته سينيٽ جو چيئرمين ن ليگ مان نه هجي ڇو ته ن ليگ وارا جمهوريت جي نالي تي ڦرڻ وارا ماڻهو آهن ۽ اهي ماڻهو نواز شريف کي ڪرپشن ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو قانون بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا. عمران خان چيو ته جڏهن کان پاناما سامهون آيو آهي ن ليگ وارا نواز شريف جي چوري بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو هر ان اداري تي حملو آهي جيڪو انهن جو غلام ناهي، اِهي ڪڏهن فوج تي حملا ڪندا آهن ته ڪڏهن سپريم ڪورٽ تي، اهو جمهوري رويو ناهي. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ هو ته عمران خان جو ٿورائتو آهيان جو هن دل وڏي ڪري اسان جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ آصف زرداري اسان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي، آصف زرداري کي راضي ڪنداسين ته سينيٽ جو چيئرمين بلوچستان مان اچي.هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) شريفن جي ڪرپشن بچائڻ جي پارٽي بڻجي چڪي اهي تنهنڪري اسان جي ڪوشش آهي ته (ن) ليگ جو چيئرمين سينيٽ نه بڻجي پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڳجهي ڳڻپ سان سدائين ووٽ وڪرو ٿيڻ جو خطرو رهندو آهي سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ جون چونڊون وڪرو ٿينديون آهن ايتري ته خبر پئي ته ماڻهن کي ووٽ جي عيوض 4-4 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا جڏهن ته اها خبر نه آهي ته ڪنهن پئسا ورتا سوشل ميڊيا تي نالو اچڻ تي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان ڪنهن وٽ ثبوت آهي ته اسان کي ڏي جن ماڻهن رقم ورتي انهن جو ڪيس نيب کي ڏيئي پارٽي مان ڪڍي ڇڏينداسين. سينيٽ اليڪشن ۾ نه وڪرو ٿيندڙن کي چونڊن ۾ ٽڪيٽ ڏينداسين سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان عمران خان چيو ته پيپلزپارٽي سان هلڻ مشڪل آهي مسلم ليگ (ن) شريفن جي ڪرپشن بچائڻ واري پارٽي بڻجي چڪي آهي تنهنڪري اسان جي ڪوشش آهي ته (ن) ليگ جي سينيٽ چيئرمين نه بڻجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *