
ڪراچي(اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي فائيو ڪور ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار جمعي ڏينهن گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ، شهر ۾ جاري آپريشن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڪراچي آپريشن آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن بيشمار قربانيون ڏنيون آهن جن کي رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو.ا