ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي وڏي وزير سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽننٽ جنرل نويد مختار اڄ اڱاري ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. انهيءَ دوران سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي نويد مختار سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، دهشتگردن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن جنهن ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي قيام، ڪيسن جي بهتر جاچ ۽ هاءِ پروفائل ڪيسن جو مناسب طريقي سان فالو اَپ شامل آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هُن نئين آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه کي چيو آهي ته هُو جاچ واري نظام کي مضبوط بڻائي ته جيئن پيراسيڪيوشن کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ انويسٽيگيشن آفيسرز (آءِ اوز) لاءِ مراعتن بابت فيصلي تي به عملدرآمد ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي رُوح مطابق عمل ڪرائڻ جي خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس کي ضروري جديد اوزار فراهم ڪري وڌيڪ مضبوط ۽ فعال ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *