ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير سان ملاقات، امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ سنڌ جي خاص طور تي ڪراچي جي امن امان جي گڏيل صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.گورنر هائوس جي ترجمان مطابق ڪور ڪمانڊر ڪراچي نويد مختار سنڌ جي  گورنر عشرت العباد سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي  ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، انکانسواءِ ٻين معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.ٻئي پاسي ڪور ڪمانڊر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ امن امان جي صورتحال سان ۽ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ  جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته ملاقات ۾ فوجي عدالتن ۾ ڪيس موڪلڻ بابت به ڳالهيون ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *