ڪورڪمانڊر ڪراچي جي سنڌ جي گورنر سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورڪمانڊر ڪراچيف ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران مڪي صورتحال ۽ آپريشن ضرب عضب جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهايو ويو. ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار جو چوڻ هو ته قوم جيڪو اعتماد ڪيو پاڪ فوج اُن تي پورو لهندي، پاڪ فوج قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان چيو ته پاڪ فوج جي جوانن جون شهادتون ملڪ لاءِ عظيم قرباني آهي، آپريشن ضرب عضب جي ردعمل کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *