ڪوريا پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مختلف منصوبن لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي جي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪوريا پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مختلف منصوبن لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪ ڪوريا گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سافٽ ويئر پارڪ جي قيام سان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي کي ترقي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هو اڱاري تي اسلام آباد ۾ انفاميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جي حوالي سان ڪوريا جي ايڪسپورٽ، امپورٽ بينڪ ۽ حڪومت پاڪستان ۾ اڪنامڪ ڊولمينٽ ڪو آپريشن فريم ورڪ تحت قرض جي فراهمي جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي ٽي ايس اي ڊي ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سميت ڪوريا جي سفارتخاني ۽ ايگزم بينڪ ڪوريا جي اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي، هن چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت پنهنجي گذريل دور ۾ عوامي سهولتن جي حوالي سان عوامي مرڪز قائم ڪيا، جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ خاص قدم کنيا ويا، هن چيو ته ڪوريا پاڪستان جو دوست ملڪ آهي جيڪو اسلام آباد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ 76.3 ملين ڊالر جو قرض فراهم ڪندو، منصوبي تي گڏيل لاڳت 88.383 ڊالر آهي، سافٽ ويئر پارڪ جي قيام سان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ملندي، پارڪ قائم ڪرڻ جو مقصد انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ آهي، ڇو ته ڊجيٽل پاڪستان وقت جي اهم ضرورت آهي، ناڻي واري وزير قرض جي فراهمي جي حوالي سان ڪوريا جي حڪومت پاڪستان ۾ مقرر ڪوريا جي سفير ايگزم بينڪ سميت ڪوريا جي عوام جا ٿورا مڃيا. ڪوريا پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بهتري لاءِ گڏيل اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون ڪندو، جنهن سان پاڪستان ۽ ڪوريا جا ٻطرفا لاڳاپا، اقتصادي تعاون ۽ عوام جا عوام سان رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *