ڪورونا وائرس: پي ايس ايل بابت حڪومتي تجويزن تي عمل ڪنداسين: پي سي بي

لاهور: (اسپورٽس نيوز)  ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کان پوءِ صحت کاتي شهر ۾ عوامي ميڙاڪن ۽ پي ايس ايل جهڙن ايونٽن تي به پابندي لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ پي سي بي حڪومتي تجويز تي عمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪراچي ۾ اڃان پاڪستان سپرليگ(پي ايس ايل 5) جا 5 ميچ اڃان ٿيڻا آهن پر ان کان اڳ ئي صحت کاتي ڪروونا وائرس پکڙجڻ جي خطري سبب صوبائي حڪومت کي شهر ۾ عوامي ميڙ تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي آهي.ڪراچي ۾ صحت کاتي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين به شرڪت ڪئي ۽ ان دوران ڪراچي ۾ ٿيندڙ ميچن جي معاملي تي به غور ڪيو ويو.ان حوالي سان ترجمان پي سي بي ٻڌايو ته پي سي بي جون اعليٰ اختياريون سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهن ۽ هو حڪومت سان گڏ اجلاسن ۾ به شرڪت ڪري رهيون آهن. ترجمان چيو ته حڪومت جي جيڪا به هيلٿ ايڊوائزري هوندي ان تي پي سي بي مڪمل عمل ڪندي.پي سي بي اختيارين موجب پي ايس ايل انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڊاڪٽر خان اڄ ڪراچي پهچندو پر في الحال ميچ شيڊول موجب ئي ٿيندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *