ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 86 حياتيون کسي ورتيون، 3884 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 86 مريض فوت، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل بيان مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ لاءِ 49 هزار 506 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3884 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪرونا جي تصديق ٿيل هاڪاري ڪيسن جو انگ 1075504 ٿي ويو آهي جن مان 967073 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 86 حياتيون ڳڙڪايون اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وقت تائين هن وبا وگهي ڪل فوتين جو انگ 24 هزار 4 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.84 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *