ڪورونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي، جنھن کي روڪڻ ممڪن ناھي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير اسد عمر چيو اآهي ته ڪرونا وائرس جو نئون ويرنٽ (اوميڪرونٽ) سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي هي پاڪستان به ايندو پر ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ اسان کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن ڪري ان جو خطرو گهٽائڻو آهي اين سي او سي ۾ هڪ اجلاس کان پوءِ ڊاڪتر فيصل سلطان سان گڏ نيوز ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪرونا وائرس جو نئون قسم ظاهر ٿيو آهي جيڪو خطرناڪ آهي ۽ ٻين ملڪن تائين ڦهلجي ويو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترن ئي هفتن کان وائرس جي پکيڙ ڪافي حد تائين گهٽ آهي جنهن جو سبب ويڪسينيشن آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهو مڪمل طور تي ويڪسينيٽيڊ آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳي چڪي آهي هن چيو ته اسان گذريل ڏيڍ سال ۾ جيڪي به يفصلا ڪيا اهي ماضي ۾ نه پر مستقبل جي صورتحال کي نطر ۾ رکندي ڪيا هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيئن جيئن ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح گهٽ ٿي ٽيسٽنگ به گهٽجي وئي پر هاڻي فيصلو ڪيو ويو ته هائي رسڪ علائقن ۾ به ٽيسٽنگ شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن وڌيڪ ٽيسٽون ٿي سگهن. ان سان گڏ ڪانٽڪٽ ٽريسنگ جي نطام کي به ٻيهر تيز ڪيو پيو وڃي هن ٻڌايو ته متاثر ملڪن مان مسافرن جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي جڏهن ته ان ڏس ۾ وڌيڪ قدم کڻي رهيا آهيون ته جيئن وائرس جي نئين قسم تي ڪنٽرول ڪري سگهجي هن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته سمورا قدم کڻي وائرس جي اچڻ کي ڪجهه وقت لاءِ ٽاري سگهجي پر ان کي سڄي دنيا ۾ ڦهلڻو ئي آهي ڇو ته دنيا هڪٻئي سان ايئن مليل آهي ان کي روڪڻ ممڪن نه آهي هن چيو ته ان جو حل ويڪسينيشن آهي شروعاتي اطلاعن مطابق ويڪسينيشن پوءِ به ان کان دفاع لاءِ موثر هوندي ان ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائيندڙن تي زور ڀريو ته پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي بنا دير ويڪسين جي ٻي خوراڪ لڳرائڻ وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اسان جي صوبن سان مشاورت ٿي رهي هئي ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ سمورن صوبن ۾ وويڪسينيشن جي وڏي مهم شروع ٿيڻ واري آهي هن چيو ته ڪرونا وائرس جو نئون ويرنٽ جيئن سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي هي پاڪستان به ايندڙ پر ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ اسان کي وڌ کان وڌ ويڪسينيشن ڪري ان جي خري کي گهٽائڻو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *