ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مقامي وڪيل علي حسنين بخاري ايڊووڪيٽ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاعن مطابق ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ علي حسنين بخاري عدالت وڃڻ لاءِ گهر کان ٻاهر ئي نڪتو هو ته موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هيٿاربندن مٿس فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا فائرنگ ۾ علي حسنين بخاري سخت زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال نيو ويو جڏهن ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو علي حسنين بخاري متحده قومي وومينٽ جي ليگل ايڊ ڪميٽي جو ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم جي غائب ڪارڪنن جي ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو هو علي حسنين بخاري جي قتل کان پوءِ ڪراچي ۾ وڪيلن جو عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جڏهن ته عام نوعيت جا ڪيس جج صاحبان جي چيمبر ۾ ٻڌا ويا ايم ڪيو ايم ترجمان مطابق علي حسنين خباري ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ۽ متحده ليگل ايڊ ڪميٽي جو ميمبر هو شيعا ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ علي حسنين بخاري ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جا ڪيس به وڙهي رهيو هو.