ڪوئٽه گليڊي ايٽرز طرفان بال ٽيمپرنگ بابت ڪابه شڪايت ناهي ملي: پي سي بي

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي آهي ته ڪوئٽه گليڊي ايٽرز طرفان پشاور زلمي جي خلاف ميچ ۾ بال جي حالت کي تبديل ڪرڻ بابت ميچ ريفري روشن ماهنامه کي ڪابه شڪايت ناهي ملي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2020 جو رائونڊ ميچ 22 فيبروري تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويو هو.ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2020 جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ رانديگر ۽ اسپورٽس اسٽاف جي آرٽيڪل 3.2 جي شق 3.2.3 جي تحت ڪنهن به ٽيم جي طرفان باضابطه شڪايت ٽيم مئنيجر طرفان داخل ڪرائي ويندي آهي. ميچ ريفري کي اها شڪايت ميچ ختم ٿيڻ جي 48 ڪلاڪن جي اندر لکرائڻ لازمي هوندي آهي. پر ان دوران ميچ ريفري روشن ماهنامه کي ڪابه شڪايت ناهي ملي ۽ 48 ڪلاڪن تي ٻڌل ونڊو هاڻ ختم ٿي چڪي آهي.چيف ايگزيڪٽو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وسيم خان چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته بال جي حالت تبديل ڪرڻ بابت بيان جاري ڪرڻ سان پهريان نه ته پڪيون شاهديون ڏنيون ويون ۽ نه ئي ان حوالي سان باضابطه درخواست جمع ڪرائڻ بابت مخصوص طريقيڪار کي اختيار ڪيو ويو. وسيم خان وڌيڪ چيو ته مخصوص طريقي کي اختيار ڪرڻ کان سواءِ ئي ايترو غير ذميوارانو بيان جاري ڪرڻ سان ايونٽ جي ساک کي نقصان ۽ پرڏيهي رانديگرن جي شڪن ۾ اضافو ڪيو ويو.هن چيو ته مان رانديگرن کان احتياط ڪرڻ ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2020 جي دوران اسان وٽ امپائرن جو بهترين پينل موجود آهي جنهن جي پلئينگ ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي اسان جي هر معاملي تي گهري نظري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *