ڪوئٽه: مستونگ ويجهو ٻه مسافر ڪوچون اغوا، هٿيار بندن 20 مغوين کي ماري ڇڏيو

ڪوئٽه (م.ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ دهشتگردن مسافرن سوڌو ٻن بسن کي يرغمال ڪري 20ماڻهن ۾مغوين کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.  بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي مطابق دهشتگردن پشين مان ڪراچي ايندڙ ٻن مسفر بسن کي اغوا ڪيو، جنهن ۾ 20 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.اهو  دهشتگردي جو واقعو مستونگ جي علائقي کڊ ڪوچا ۾ پيش آيو. سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ پهتي ته دهشتگردن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 20ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.فورسز جو مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ علائقي ۾ آپريشن هلندڙ آهي ۽ ڊي سي مستونگ به آپريشن ۾ موجود آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم نوازشريف مستونگ ۾ بسن جي اغوا ٿيڻ واري واقعي جو ڻوٽيس وٺندي بلوچستان حڪومت کان رپورٽ گهري ورتي آهي.بلوڇستان جي گهرو وزير مطابق دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورس جي وردي پاتل هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *