ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو، ڊي آءِ جي سميت 3 اهلڪار شهيد، 7 زخمي

ڪوئيٽا  (اين اين آءِ)صوبائي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا ۾  جي علائقي ۾ ايئرپورٽ رود تي خودڪش ڌماڪي ۾ ڊي آئي جي ٽيلي ڪميونڪيشن حامد شڪيل سميت ٽي اهلڪار شهيد ۽ پوليس اهلڪارن سميت 7 اهلڪار زخمي ٿي ويا آهن.  ايس ايس پي اپريشن ڪوئيٽا نصيب الله خان جي مطابق خميس تي  صبح جو ڊي آئي جي ٽيلي ڪميونڪيشن حامد شڪيل جي او آر ڪالوني ۾ وقعي رهائشگاهه کان آفيس وڃي رهيو هو ته ايئرپورٽ  روڊ تي چمن هائوسنگ سوسائيٽي  اسڪيم خودڪش ڌماڪي ۾ بمبار  پاڻ کي ان جي گاڏي جي و يجھو اڏائي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڊي آئي جي ٽيلي ڪميونڪيشن حامد شڪيل، اي ايس ائي محمد رمضان، ڊرائيور جليل احمد شهيد جڏهن ته پوليس اهلڪار ۽ واٽهڙن سميت 7 اهلڪار زخمي ٿيڻ وارن ۾ ڪانسٽيبل اسلم، ڪانسٽيبل عمران، ڪانسٽيبل عين الدين، نعمان، انور  ۽ عبدالغني شامل آهن زخمين کي طبي امداد جي لاءِ سول اسپتال ۽  سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي اپريشن ڪوئيٽا نصيب الله خان ٻڌايو ته ڌماڪو خودڪش هيو ۽ حملو ڪندڙ پيدل هيو يا ڪنهن شئي تي سوار هيو انجي باري ۾ ڪجھه به نه ٿا چئي سگھون.  ڊي آئي جي حامد شڪيل ان کان اڳ ايس ايس پي ٽريفڪ پوليس  ڪوئيٽا، اي آئي جي ويجيلنس، سميت ٻين ڪيترن عهدن تي رهيو. ان جي مڙهه کي ڪوئيٽا سي ايم ايڇ ۾ ضروري ڪاروائي کان پوءِ جي او آر ڪالوني ۾ ان جي رهائشگاهه تي پهچايو ويندو.  صوبائي گادي و اري هنڌ ڪوئيٽا جي ايئرپورٽ روڊ تي  چمن هائوسنگ سوسائيٽي  ۾ ڊي آئي جي پوليس حامد شڪيل تي حملو خودڪش هيو ۽ ان  ۾ بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا هئا، جن سان جاني نقصان ۾ اضافو ٿيو. سول ڊفينس جي کاتي جي  بم ڊسپوزل اسڪواڊ  جي شروعاتي رپورٽ جي مطابق ڊي آئي جي پوليس  ٽيلي ڪميونڪيشن جي گاڏي کي خودڪش بمبار نشانون بڻايو. ڌماڪي ۾ 10 کان 15 ڪلو  ڌماڪيدار مواد ۽ ۾ بال بيئرنگ استعمال ڪيا ويا هئا، جنهن جي ڪري آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت ٿي هئي. واقعي واري جاءَ تي خودڪش حملو ڪندڙ جاعضوا  گڏ ڪيا ويا آهن، جنهن کي فارنزيڪ ٽيسٽ جي لاءِ  ليبارٽري موڪليو ويو آهي.

پاڪستان جي صدر ممنون حسين ڪوئيٽا ۾ دهشستگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيوته دهشتگردي جي خلاف سڄي قوم متهد آهي آخري دهشتگرد جي پاڙ پٽڻ تائين انهن جي خلاف اپريشن جاري رهندو. جاري ڪيل بيان موجب صدر ممنون حسين ڪوئيٽا ۾  ٿيل دهشتگردي واري حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ اي آئي جي حامد شڪيل ۽ ٻيا پوليس اهلڪار شهيد ٿيا پاڪستان جو صدر جاني نقصان تي ڏک  ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ دعا گھري، صدر ممنون حسين لاڳاپيل عملدران کي هديت ڪئي آهي ته  زخمين کي طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي جي خلاف قربانين کي ساراهيو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي ڊي آئي جي ۽ ساٿين  جي شهادت تي گھري ڏک جو اظهار ڪيو آهي، هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهيدن  جي وارثن  سان تعزيت جو اظهار  ڪندي امن امان  جي قيام ۽ دهشتگردي  جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ پوليس جي ڪوششن ۽ قربانين  کي خراج تحسين پيش ڪيو ، وزيراعظم جو چوڻ هيو ته بزدلاڻي حملو ڪندڙن کي شڪست ملندي، هن وڌيڪ چيو ته بزدلاڻي ڪاروائي دهشتگردي  جي جنگ ۾ اسان جي عزم کي ۽ جدوجھد کي روڪي نه ٿي سگھي. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير  مريم اورنگزيب  جي ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمن پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ هميشا کان ناڪام ٿي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير  مريم اورنگزيب  چيو ته پاڪستان جي پوليس، هٿيار بند فوج ۽ قانون نافذ  ڪندڙ ادارن  جي جوان ۽ آفيسر سينو تاڻي عوام جي جان ۽ مال جي سلامتي جي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. وزير  مريم اورنگزيب  جي ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترقي جي دشمن پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ هميشا کان ناڪام ٿي رهيا آهن هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي. مريم اورنگزيب  چيو ته  دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان ساهه نه کڻنداسي. مملڪتي وزير متاثر خاندان سان همدردي ۽ زخمين جي لاءَءِ جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهستگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ اسان سڀني جو گڏيل مشن آهي ۽ ان ۾ ڪاميابي  حاصل ڪرڻ جي لا اسانکي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻون  پوندو ، هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان دشمنن جا ايجنٽ آهن ۽ اسان جي  امن جي لاءِ دشمنن جي پاڙ پٽڻ  ضروري آهي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڌماڪي  ۾ شهيدن جي گھر ڀاتين سان تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي.گھرو وزير پروفيسر احسن اقبال ڪوئيٽا ۾ ٿيل  ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان جا سيڪيورٽي اهلڪار وطن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجا سر قربان ڪري رهيا آهن سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، جاري ٿيل بيان جي مطابق گھرو وزير ڪوئيٽا ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي  پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جواظهار ڪيو آهي هن شهيدن جي  وڏن درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۾ رهڻ جي دعا ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *