ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 3 عورتن سميت 4 اهلڪار مارجي ويا

ڪوئيٽا/کٽمنڊو، اسلام آباد (م.ڊ) ڪوئيٽا ۾ نامعلوم هٿياربندن جي پوليو ٽيم تي فائرنگ سان 3 عورتن سميت 4 اهلڪار مارجي جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون. ڪوئيٽا جي علائقي اوڀر باءِ پاس تي مينگل ٽائون لڳ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليو ورڪرز جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 4 رضاڪار ارجي جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون جن کي تڪڙو سول اسپتال پهچائڻ بعد لاشن کي ضابطي جي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، مارجي ويل عورتن ۾ 2 سڳيون ڀينر ٻڌايون وڃن ٿيون. ذريعن موجب رضاڪار پوليو روڪٿام مهم جي سلسلي ۾ ويجهي آبادي وڃي رهيا هئا ۽ کين ڪنهن قسم جي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي هئي جنهن سبب هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته حڪام چيو آهي ته ٽيم جا ميمبر گهران صحت جي مرڪز اچي رهيا هئا. واقعي بعد پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. واقعي بعد پوليو روڪٿام مهم روڪي وئي. ياد رهي هلندڙ سال دوران پاڪستان ۾ هيستائين 6 4 2 ٻار پوليو جو شڪار ٿي چڪا آهن جن مان 2 1 جو تعلق بلوچستان سان آهي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف ڪوئيٽا ۾ پوليو ٽيم تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي حملو ڪندڙن خلاف فوري ڪاروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم نواز شريف کٽمنڊو مان ڪوئيٽا ۾ اوڀر باءِ پاس تي پوليو روڪٿام ٽيم تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي حملو ڪندڙن خلاف تڪڙ ي ڪاروائي جو حڪم ڏنو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، ايندڙ نسلن کي معذور ٿيندي نٿا ڏسي سگهون، ملڪ کي هر صورت پوليو مان پاڪ ڪنداسين، دهشتگرداڻا ڪارواين سان قوم کي ڊيڄاري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج، قوم ۽ تمام سياسي پارٽيون هڪ پيج تي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *