ڪوئيٽا ۾ پوليو سينٽر ويجهو بم ڌماڪو، 16 اهلڪار شهيد، 20 زخمي، ايمرجنسي لاڳو

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) ڪوئيٽا ۾ پوليو جي هيڊ يونٽ ويهو ڌماڪي ۾ 16 اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا شهيدن ۾ 15 پوليس ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شامل آهن ريسڪيو ذريعن مطابق ڪوئيٽا جي مقامي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي صدر مملڪت ۽ وزيراعظم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين سان اسان جي جوانن جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا ۽ ملڪ مان دهشتگردن جو انت آڻي ئي سک سان ويهنداسين جڏهن ته چوڌري نثارعلي خان به ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ گهري اهي تفصيل مطابق اربع تي ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ٽن ڏينهن کان پوليو مهم جو آخري ڏينهن هو ۽ پوليو سينٽر مان ٽيمن کي مختلف علائقن ۾ اماڻيو پئي ويو ڌماڪي وقت 15 کان 20 پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي هئا ڌماڪو ايتري شديد نوعيت جو هو جو ان سان ويجهين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ڀرسان بيٺل گاڏين کي به سخت نقصان ٿيو. بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته سڄي پاڪستان کي سيڪيورٽي خدشا لاحق آهن دهستگردي خلاف جنگ کي سيڪيورٽي رسڪ نه ڪوٺيو وڃي اها ڳالهه هن اربع تي بم ڌماڪي ۾ زخمي ماڻهن جي سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ عيادت کان پوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي ان موقعي تي صحت جي صوبائي وزير مير رحمت صالح بلوچ سيڪريٽري صحت نورالحق بلوچ ايم ايس سول اسپتال ڪوئيٽا ڊاڪٽر عبدالرحمان پڻ موجود هئا مير سرفراز بگٽي چيو ته ڌماڪو خودڪش آهي يا نه جاچ ٿي رهي آهي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ بلوچستان کي پرامن بنائڻ اسان جي ذميواري آهي جنهن ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهنداسين پوري پاڪستان کي سيڪيورٽي خدشا آهن. هن چيو ته دهشتگردن پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ رضاڪارن جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد جڏهن ته 24 زخمي ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *