ڪوئيٽا ۾ وري پوليس تي حملو، موبائل تي فائرنگ ۾ انسپيڪٽر سوڌو 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا

ڪوئيٽا(بيورو) بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. رپورٽ مطابق پشتون آباد واري علائقي ۾ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن گشت ڪندڙ پوليس موبائل تي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، انڌاڌنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، شهيد ٿي ويل اهلڪارن ۾ انسپيڪٽر وزير، سپاهي ظهير، محمود ۽ پوليس موبائل جو ڊرائيور ڪليم الله شامل آهن، جن جا لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، واقعي کانپوءِ ايف سي ۽ پوليس جي وڏن اٽالن پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو، هٿياربندن جي ڳولا لاءِ شهر اندر ايندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ سمورا رستا پڻ بند ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گذريل هفتي به پوليس موبائل تي ان ئي  طريقي سان فائرنگ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ انسپيڪٽر سوڌو 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *