ڪوئيٽا ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾  3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، بلوچستان جي گهرو وزير واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ريسڪيو ذريعن موجب جان محمد روڊ تي موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال نيو ويو، جتان کين ٽرانا سينٽر منتقل ڪيو ويو.مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ وقاص خان، شبير احمد ۽ علي خان جي نالن سان ٿي آهي.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ايف سي علائقي ۾ پهچي واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي، پوليس طرفان واقعي جي جاچ جاري آهي.بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جان محمد روڊ تي فائرنگ واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ آءِ جي بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گهرو وزير زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *