
خضدار ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ظابطي مان نڪري دڪان سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي. ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ ڪار باغبانا وٽ تيز رفتاري سبب ڊرائيور کان ظابطي مان نڪري بند دڪان سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت چار ڄڻا غلام حسن، محمد حسن، سردار گل ۽ مستري صادق فوت ۽ مصري خان سخت زخمي ٿي پيو، ليويز فوتين ۽ زخمي کي گورنمنٽ ٽيچنگ اسپتال خضدار پهچايو . پوليس ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، جڏهن ته زخمي همراهه کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ڳڻتي جوڳي حلات ۾ ڪراچي روانو ڪيو ويو آهي.