ڪوئيٽا پوليو سينٽر تي حملي جي مذمت، هي وقت دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان يپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربع جي صبح ڪوئيٽا ۾ پوليو سينٽر تي ٿيل دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 14 اهلڪار شهيد ٿيا آهن بلاول هائوس مان جاري بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد اهڙي قسم جي وحشياڻي ڪارروايون ۽ بم حملن ذريعي رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت کي چئلينج ڪري رهيا آهن ۽ صورتحال سمجهدار رويي جي گهر ڪري رهي آهي هن چيو ته هي وقت آهي ته دهستگردن کي سختي سن منهن ڏنو وڃي ۽ نيشنل ايڪشن پلان کي ان جي حقيقي روح مطابق عمل ۾ آندو وڃي بجاءِ ان جي ته ان کي نواز ليگ جي پلان ۾ تبديل ڪيو وڃي جهڙي طرح سنڌ ۾ ٿي رهيو آهي بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *