ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره ڪنگنا رناوت چيو آهي ته هاڻ هوءَ روئڻ وارين فلمن ۾ ڪم نه ڪندي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪنگنا چيو آهي ته مان فلم ڪٽي بٽي ۾ ايڏي وڏي ٽريجڊي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي جو شوٽنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به اڃا تائين پنهنجي نارمل زندگي طرف نه اچي سگهي آهيان، ايترا وڌيڪ روئڻ وارا منظر ڪرڻ کانپوءِ هاڻ ته منهنجي بک ئي مري وئي آهي، نالي واري اداڪاره ڪنگنا رناوت فلم ڪٽي بٽي ۾ هڪ حساس ڇوڪري جو ڪردار نڀايو آهي، فلم ۾ ڪنگنا رناوت بالي ووڊ اسٽار عمران خان سان رومانس ڪندي نظر ايندي.