ڪنگنا رناوت ”جھانسيءَ جي راڻي“ جي روپ ۾نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي فلم ”ڪوئين“ ۾ راڻيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ کان پوءِ بالي ووڊ سپر اسٽار ڪنگنا رناوت هڪ ٻي فلم ۾ ”راڻي“ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي. خبرون آهن ته ڪنگنا ”جھانسيءَ جي راڻي“ جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ راڻي جو اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيارين ۾ آهي. اين ڊي ٽي ويءَ موجب ان فلم جو هدايتڪار ڪيتن مهتا هالي ووڊ اداڪار هيوج گرانٽ کي به ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو. خبرن موجب ان فلم ۾ ڪنگنا راني لڪشمي جڏهن ته گرانٽ جنرل بيوج روز جي ڪردار ۾ نظر ايندو. هيوج گرانٽ جي حامي ڀرڻ جي صورت ۾ فلم جي شوٽنگ جا ايندڙ سال چِٽا امڪان آهن، جتي سال کان پوءِ فلم جي شوٽنگ شروع ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ هو ته اداڪارا ڪنگنا رناوت پاران اهڙي ڪنهن به خبر جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *