ڪنگنا رناوت به مسٽر پرفيڪٽ جي نقش قدم تي هلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ انٽڊسٽري کي بلاڪ بسٽر فلم ڏيندڙ ڪنگنا رناوت به مسٽر پرفيڪٽ جي نقش قدم تي هلڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو خبرون آهن ته عامر وانگر ڪنگنا به هاڻ ڪنهن ايوارڊ تقريب ۾ نظر نه ايندي ڪرلي وارن واري اداڪاره جو هي فيصلو ان جي مداحن لاءِ صدمي کان گهٽ ناهي پر خبرون آهن ته ڪنگنا به عامر خان جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هوءَ هاڻ ڪنهن به ايوراڊ فنڪشن ۾ شرڪت نه ڪندي، ڪنگنا جي هن سال رليز ٿيندڙ فلم ڪوئين تمام گهڻو نالو ڪمايو ۽ هن سال بهترين اداڪاره لاءِ ڪنگنا رناوت جو ئي نالو ورتو پيو وڃي انهن خبرن ۾ ڪيتري سچائي آهي اها ته وقت اچڻ تي ئي خبر پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *