ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوامي اتحاد پارٽي جَي سربراهه ۽ ايم پي اي لياقت جتوئيءَ، ڪي اليڪٽرڪ کي رينجرز حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندَي الزام هنيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ 70 سيڪڙو حصو سنڌ جَي حڪمرانن جو آهي، پر ڪنگ، ڪوئين ۽ پرنس جَي پرڏيهه فرار ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ڪاليا جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڌرڻو هڻندڙ ٻڌائن ته اداري ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو حصو ڪيترو آهي؟ هـُن چيو ته کين ڄاڻ ملي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ 70 سيڪڙو حصو سنڌ جي حڪمرانن جو آهي. لياقت جتوئي مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي رينجرز يا فوج جي حوالي ڪيو وڃي، پاڻ ئي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. هـُن چيو ته هاڻ ته ڪنگ، ڪوئين ۽ پرنس به پرڏيهه فرار ٿي ويا، ڪاليا جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ جَي ناڻي واري وزير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لياقت جتوئي چيو ته مراد علي شاهه 2 ڀيرا اڳ نااهل ٿي چڪو آهي، ٽيون ڀيرو ڪرپشن سبب نااهل ٿيڻ وارو آهي. هـُن چيو ته ٽي ايم او سيوهڻ کي 60 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني وئي، جنهن ۾ ڪرپشن سبب 4 آفيسر گرفتار ٿيا آهن، مراد علي شاهه به جلد گرفتار ٿيڻ وارو آهي. لياقت جتوئي چيو ته سي ايم هائوس جي مرمت لاءِ هڪ ارب 31 ڪروڙ ۽ ملازمن جي پگهارن لاءِ هڪ ارب 46 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو شاهه خرچي جو وڏو مثال آهي.