ڪنٽومينٽ بورڊ جي مڪاني چونڊن جي نتيجن عمران خان جي الزامن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو؛ خواجه سعد رفيق

لاهور (م.ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ڪنٽينر وارن ان جي تڪ اين اي 125 تي الزام مڙهيو هو ته هن تڪ ۾ ڌانڌلي ڪئي ويئي آهي پر ڪنٽومينٽ بورڊ جي مقامي چونڊن ۾ باشعور عوام مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪري ڇڏيو آهي تاريخ جو سبق آهي ته عوام پاران ڪيل فيصلا مڃيا وڃن پر تحريڪ انصاف پاران عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وڃي ٿي پي ٽي آءِ کي عوام جي فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي جيڪو ڪم ملڪ به طالبان به نه ڪري سگهيا هئا اهو عمران خان ۽ طاهرالقادري جي الائينس ڪري ڇڏيو اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن لاهور ڪينٽ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو وفاقي وزير چيو ته اين اي 125 جي عوامي ٽربيونل (ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي عمران خان جڊيشل ڪميشن ۾ به الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندو هن چيو ته پاڪ چين معاهدن تي ڪجهه ماڻهو بيڪار سياست ڪري رهيا آهن ڪالاباغ ڊيم وانگر پاڪ چين ڪوريڊور کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *