ڪنيريا کي غير مذهب هجڻ ڪري تنقيد جو نشانو بنايو ويندو هو: شعيب اختر

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر  اها دعويٰ ڪئي آهي ته ليگ اسپنر دانش ڪنيريا کي هندو مذهب جي ڪري ٽيم ۾ امتيازي سلوڪ جو نشانو بنايو ويندو هو.هن هڪ پروگرام ۾  ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي رانديگر غير مذهب هجڻ ڪري ڪنيريا سان ماني کائڻ به پسند نه ڪندا هئا. مان هميشه انهن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪندو هئس. جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو غير مذهب هجڻ ڪري دانش ڪنيريا جي ٽيم ۾ موجودگي جي به خلاف هئا.هوڏانهن اڳوڻي ليگ اسپنر دانش ڪيريا پاڪستاني ٽيم ۾ پاڻ سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ بابت شعيب اختر جي دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڪنيريا چيو ته شعيب هڪ ليجنڊ رانديگر آهي. پهريان مون ۾ ان جي باري ۾ ڪجهه چوڻ جو حوصلو نه هو پر هاڻ شعيب اختر جي ڪمنٽس کان پوءِ مان به ڳالهائنيدس. هن چيو ته شعيب اختر منهنجي هميشه سپورٽ ڪئي. انضمام الحق، محمد يوسف ۽ يونس خان به   هميشه سپورٽ ڪندا رهيا. جيڪي ائين نه ڪندا هئا مان تمام جلد انهن جا نالا ظاهر ڪندس. دانش ڪنيريا وڌيڪ چيو ته مان خوشقسمت آهيان ۽ هي منهنجي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي ته مون کي پاڪستان طرفان کيڏڻ جو موقعو مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *