ڪنهن کي به زبردستي کَلون وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،رينجرز جو ڪم صرف ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪرڻ آهي:نثار کهڙَو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ تي ڪنهن کي به زبردستي کَلون وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، رينجرز جو ڪم صرف ڏوهارين خلاف ڪارروائيون ڪرڻ هوندو آهي. پن نجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ نثار کهڙَي چيو ته قربانيءَ واري عيد جي موقعي تي ڪنهن کي به زبردستي کَلون وٺڻ جي اجازت نه آهي، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته رينجرز کي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ٻين ڏوهي وارداتن ۾  ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروائي جا اختيار آهن، جنهن جي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به تصديق ڪري چڪو آهي. عمران خان جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار کهڙَي چيو ته سياسي ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تعليم ۽ اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ نجي اسڪولن پاران واڌو فيس وصول ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڪيترن ئي نجي اسڪولن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته ان معاملي تي نجي اسڪولن جي انتظاميا جو اجلاس پڻ اڄ خميس ڏينهن گهرائي ورتو آهي جنهن ۾ واڌو فيس جي اوڳاڙيءَ کي روڪڻ لاءِ لائحه عمل طئي ڪرڻ سميت نجي اسڪولن جي رجسٽريشن واري قانون جو پڻ جائزو ورتو ويندو۽ واڌو فيس اوڳاڙڻ جي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪراچي جي گونگن شاگردن واري اسڪول (جي ايس ) اڪيڊمي ۾ ڪلچرل پروگرام جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نجي اسڪولن جو ٽيڪسن ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي فيس ۾ واڌ ڪرڻ جو جواز قبول نه ڪيو ويندو، اهو ڪوئي جواز ناهي ته ٽيڪس ۾ واڌ جو انتقام عوام کان واڌو فيس اوڳاڙي ورتو وڃي ان عمل کي ڪنهن به طرح برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته نجي اسڪولن کي بي لغام ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اهڙي پاليسي جوڙي ويندي جنهن تحت نجي اسڪولن جي بهترمانيٽرنگ ٿئي. هن چيو ته جيڪي اسڪول واڌو فيس وصول ڪري رهيا آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ انهن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جو قانون موجود آهي. هن چيو ته نجي اسڪولن پاران 3 کان 4 مهينا اڳواٽ فيس جي وصولي واري عمل کي پڻ برداشت نه ڪنداسين. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قربانيءَ جو کلون ڪنهن به سياسي ۽ بندش پيل جماعت کي گڏ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي صرف فلاحي ادارا قربانيءَ جون کلون گڏ ڪري سگهندا جن کي پڻ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي. هن چيو ته قربانيءَ جي کلن گڏ ڪرڻ بابت ضابطه اخلاق جوڙڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سميت ٻين تي ٻڌل هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي، ڀتي خوري، اغوا براءِ تاوان جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن ان کان علاوه رينجرز کي ٻي ڪا به ذميداري نه آهي جنهن جي پڻ وضاحت وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪري چڪو آهي. هن چيو ته عمران خان سميت ڪجهه ماڻهون جمهوري نظام مان ڪڏهن به خوش ناهن هوندا ۽ کين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي ڪاميابي سٺي نه لڳندي آهي، اهي ڪو نه ڪو اشو اٿاري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن پر ادران جي هوندي ڪنهن ٻي طاقت کي دعوت ڏيڻ ضرورت ناهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته گونگن شاگردن کي تعليم لاءِ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي شاگرد پڻ دنيا سان اڳتي وڌي مقابلو ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *