ڪنهن کان به نٿو ڊڄان ،ايندڙ حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس: آصف زرداري

ڳڙهي خدا بخش(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرف ميري اک ڪري ڏسڻ وارا ٻڌي ڇڏيو اسان ڪنهن کان به نٿا ڊڄون، هن چيو ته هن سال ئي چونڊن لاءِ تيار آهيون، ڀرپور مقابلو ڪنداسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ واعدو ڪندي چيو ته ايندڙ حڪومت ٺاهي ڏيکاريندس ۽ وزيراعظم به اسان جو ئي هوندو، ڳڙهي خدا بخش ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي 38 هين ورسي تقريب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته صرف 15 ڏينهن پنجاب ۾ گذاريا ته شينهن ۽ بيٽ ڏڪڻ لڳا، ان وقت کان ڊڄو جڏهن هڪ هڪ ضلعي جو دورو ڪندس، هن چيو ته اسان نٿا سمجهون ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ٿيو آهي، اسان جي پارٽيءَ کي ڪڏهن به انصاف ناهي مليو، هميشه کان ئي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، سندس چوڻ هو ته پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته انهن سان ڇا ٿو ٿئي ۽ ڇا نه، هن چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان کي نيو ڪليئر پروگرام ڏنو جڏهن به هي چوندا آهن ته پاڪستان کي نيو ڪليئر طاقت نواز شريف بڻايو، هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ به اسان جو پروگرام هو، اسان کي افسوس ناهي ته ان تي ڪير پيو پنهنجو حق ڄمائي، سي پيڪ کي پنهنجو منصوبو چوڻ وارن کي نچڻ ڏيو پر تاريخ لکندي ته پيپلز پارٽي اهو منصوبو شروع ڪيو، هن موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اڄ صرف بجلي ٻيڻ تي مهانگي ناهي ٿي پر پاڻيءَ جي به کوٽ ٿي وئي آهي، اسان وٽ فلسفو، سوچ ۽ غريبن لاءِ پلان آهي جڏهن ته هي صرف ڦڪين ٽيڪسن تائين وڃي سگهن ٿا. آصف زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏينهن هر سال يادگار ملهائينديا آهيون، شهيد ڀٽو سان ظلم ۽ زيادتيون ٿيون، بي بي شهيد به ڪڏهن پنهنجي ڳالهه نه ڪئي، اها هميشه پاڪستان ۽ عوام جي ڳالهه ڪندي هئي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *