ڪنهن ڏينهن خوشخبري ملندي اسان پنهنجو سٽنٽ تيار ڪيو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ۾ غير معياري اسٽنٽ پاڻمرادو نوٽِيس جي ٻڌڻي دوران اها ڳالهه اڳيان آئي ته جون کان پاڪستان ۾ دل جا اسٽنٽ تيار ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿي ويندو جنهن جي قيمت به پرڏيهي اسٽنٽ کان ڪافي گهٽ هوندي، سومر تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 ميمبرن تي ٻڌل بينچ غير معياري اسٽنٽ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا وقار عدالت کي ٻڌايو ته مارڪيٽ ۾ 70 هزار ۾ دستياب اسٽنٽ هڪ لک 10 هزار ۾ وڌو وڃي ٿو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اها خوشخبري ڪڏهن ملندي ته پاڪستان به دل جو اسٽنٽ تيار ڪري ورتو آهي، نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران پيش ٿيل ڊاڪٽر مرتضيٰ چيو ته اميد آهي ته پاڪستان به پنهنجو اسٽنٽ تيار ڪري وٺندو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسٽنٽ جي قيمت ڇا هوندي، ڊاڪٽر مرتضيٰ جواب ڏنو ته پاڪستاني اسٽنٽ جي قيمت 15 هزار رپيا هوندي، چيف جسٽس چيو ته ڪوشش ڪريو ته جان کان اڳ اسٽنٽ مارڪيٽ ۾ اچي وڃي، ڪوشش آهي ته عام ماڻهو کي صحت جون سستيون ۽ سٺيون سهولتون ملن، غريب ماڻهو اسٽنٽ خريد ڪرڻ لاءِ ڪٿان ڪٿان پيسا وٺندو هوندو، مريض جي مجبوري مان فائدو وٺڻ استحصال آهي، چيف جسٽس چيو ته خبر پئي آهي ته هڪ لک وارو اسٽنٽ ٻن لکن ۾ وڌو وڃي ٿو، اهو يقين ڪيئن ٿيندو جنهن اسٽنٽ جي قيمت ورتي وئي هجي اهو ئي وڌو ويو آهي، خوشي ٿي رهي آهي ته 3 مهينن جي اندر اسان جو اسٽنٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويو، جيڪڏهن مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ پاڪستاني اسٽنٽ وڌو ويو ته خوشي ٿيندي، ڏسون ٿا ته اسان جو اسٽنٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ سان ڇا انقلاب اچي ٿو، چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي ڪمزوري ۽ بيماري مان فائدو وٺڻ جي اجازت نه ڏيندس، ان معاملي جو مڪمل رڪارڊ هئڻ گهرجي، مون کي رضاڪار گهرجن جيڪي اسپتالن جو دورو ڪري رپورٽ ڏين، چئن کان 5 ماڻهن کي بي نقاب ڪنداسين ته شيون بهتر ٿينديون، ميڊيا به اهڙين شين کي بي نقاب ڪري رهيو آهي، عدالت اسلام آباد جي 5 پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسپتالن کي نوٽيس جاري ڪندي گذريل 3 مهينن ۾ وڌل اسٽنٽس ۽ قيمتن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *