ڪنهن ٻئي انسان مان پنهنجي لاءِ محبت جي توقع رکڻ اجايو آهي: ريکا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره ريکا محبت تي يقين نٿي رکي. ريکا پنهنجي هڪ تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته سندس نظر ۾ محبت جي تشريح هميشه لاءِ بدلجي چُڪي آهي، تنهن لاءِ هوءَ ٻين جي محبت تي يقين نٿي رکي. هوءَ سمجهي ٿي ته ڪنهن ٻئي انسان مان محبت جي توقع رکڻ اجائي آهي. ريکا جو چوڻ آهي ته جڏهن پنهنجو پاڻ يعني پنهنجي ذات ۾ ايترو ڪجهه ڏيڻ ۽ وٺڻ جو موجود آهي ته پوءِ ڪنهن ٻئي مان اها ڳالهه چاهڻ جي اسان توقع ڇو ڪندا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *