
اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب سميت ڪنهن جو پيءُ به هن جو احتساب نٿو ڪري سگهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مولانا فضل لارحمان چيو ته آهي ته اسان اسلام آباد ۾ ويهنداسين ۽ اُتي ڌرڻو هڻنداسين، ائين نه ٿيندو جو آياسين ۽ هلياوسين پر اسان ڀرپور مظاهرو ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سميت سڀ مخالف ڌر پارٽيون ڌرڻي تي متفق آهن، ڌرڻي کان پوءِ اڳتي لاءِ حڪمت عملي بڻائينداسين. پي ڊي ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته نيب سميت ڪنهن جو پيءُ به منهنجو احتساب نٿو ڪري سگهي، 1988ع کان پارليامينٽ ۾ آهيان، اڄ تائين اسلام آباد ۾ هڪ جهونپڙي به ناهيان ٺاهي سگهيو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اسان ادارن جي لاءِ هميشه ڍال بڻيل رهياسين، اسان کي ضرورت ناهي ته ڪنهن سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون، منهنجي يا پي ڊي ايم جي ڪنهن سان ڳجهي ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي.