ڪنهن سان بيڪ ڊور رابطا ناهن، پهرين به چيو هو ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه آندو وڃي، سياست سان ڪو به تعلق ناهي. خانگي ٽي وي چينل کي ڏنل پنهنجي انٽرو ويو ۾ ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڄاڻ آهي ته ڪورونا سبب سڄي دنيا متاثر ٿي، پاڪستاني قوم ڪورونا جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ هيلٿ ڪيئر ورڪرز ڪورونا سان مقابلي ۾ قوم جي ڀرپور مدد ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته چين جي فوج پاڪستاني فوج کي ويڪسين جو عطيو ڏنو ۽ پاڪ فوج چيني فوج جي عطيو ڪيل ويڪسين هيلٿ ورڪرز کي ڏئي ڇڏي. ڀارت بابت ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته ڀارت دنيا ۾ چڱي حد تائين بي نقاب ٿي چڪو آهي ان حوالي سان گذريل پريس ڪانفرنس ۾ گهڻيون ئي شاهديون رکيون. ڪي ٽو پر گم ٿيل ڪوه پيمائن جي حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته علي سد پاره قوم جو هيرو آهي، ڪوهه پيمائن جي سرچ آپريشن ۾ ڪا به ڪمي نه اچڻ ڏينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج کي سياست ۾ نه آندو وڃي، اسان جا ڪنهن سان به بيڪ ڊور رابطا نه پيا ٿين ۽ ڪنهن قسم جي سياست سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، اڳڪٿيون ڪندڙن کي ٻيهر چوندس ته فوج کي سياست ۾ نه آندو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان جي ذمي اندرين ۽ ٻاهرين سلامتي جو وڏو فرض آهي جنهن کي چڱي ريت ادا پيا ڪيون، بنا شاهدين ۽ جاچ جي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ان باري ۾ ڪمنٽس ڪندڙن وٽ ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻن، ڏيکارن ته ڪير ڪنهن کي فون ڪري رهيو آهي، ڪنهن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اهڙي قسم جو شيون نه ٿيڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *