ڪنهن جو پيءُ به اسان جي حڪومت نٿو ڪيرائي سگهي: فيصل واوڊا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن جو پيءُ به اسان جي حڪومت نٿو ڪيرائي سگهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته اسان جو سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ڪا سازش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اميد ڪيون ٿا ته سنڌ جو وڏو وزير اسان جي ڳالهه ٻڌندو ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي جيڪي ڪرڻ وارا ڪم آهن انهن جا هن وقت تائين رڳو واعدا ئي آهن، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪم نه ڪيو ته پوءِ  توهان مون ته سڃاڻو ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻاراڻي ڳالهه ڪندو ته ان جو ساڳي انداز ۾ جواب ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته گهڻو ڪجهه سنڌ کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، سياسي طور تي هڪ ٻئي کي سٺو يا خراب چونداسين پر ڪم ڪنداسين. مهمند ڊيم جي حوالي سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته اڳوڻن حڪمرانن عوام سان رڳو واعدا ئي ڪيا آهن، عملي طور تي ڪجهه ناهي ڪيو، مهمدن ڊيم هر حال ۾ بڻجندو، ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان وٽ هڪ ووٽ جي به اڪثريت آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن جو پيءُ به اسان جي حڪومت نٿو ڪيرائي سگهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *