ڪنهن به ملڪ خلاف اڳرائي جا ارادا ناهن: پرويز رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان جا ڪنهن به ملڪ خلاف اڳرائي وارا ارادا نه آهن. پاڪستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري ۽ چاهي ٿو ته ٻيا ملڪ به پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪنهن به ٻئي ملڪ لاءِ اڳرائي وارا ارادا نه ٿو رکي. هن چيو ته دفاعي نمائش ۾ شريڪ پرڏيهين به نمائش جي تعريف ڪئي آهي، جنهن مان اُن جي ڪاميابي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت کي دفاعي ڪانفرنس جي پڄاڻي تي پيش ٿيندڙ سفارشن جو بي چيني سان انتظار آهي. پرويز رشيد چيو آهي ته ڌرڻا نه پر فوجي نمائش پاڪستانجي اصل سڃاڻپ آهي، پرڏيهي وفد پاڪستاني دفاعي مصنوعات تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي فوجي نمائش جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته دفاعي نمائش ۾ پوري دنيا مان ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪو پاڪستان تي اعتماد جو اظهار آهي، 80 ملڪن جا وفد دفاعي سامان خريد ڪرڻ ۽ ڏسڻ آيا آهن، نمائش جي مقابلي ۾ ڌرڻو ڪابه شيءِ ناهي، پاڪستان جي اصل سڃاڻپ فوجي نمائش آهي، هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عالمي معيار جو دفاعي سامان تيار ٿي رهيو آهي، هي نمائش 18 ڪروڙ ماڻهن جي محنت، صلاحيت، عزم ۽ تخليق جي نمائش هئي ۽ پوري قوم کي پاڪستان انجنيئرز ۽ دفاعي ماهرن تي فخر آهي، پرويز رشيد چيو ته ڌرڻو پاڪستان ۾ سمورين سياسي پارٽيون، گروهه ڪنهن به بنياد تي هڻي سگهن ٿا پر دفاعي نمائش پاڪستان جي ڪاميابي آهي ۽ ان تي اسان کي خوشي جو اظهار ڪرڻ گهرجي، اطلاعات واري وزير چيو ته ڪابه ڳالهه دليل ۽ اصول سان مڃائي وڃي ٿي ڌمڪي سان نه، پاڪستان جي ڪهڙي به شهر کي بند ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو ۽ ڪنهن کي پنهنجون خوشيون کسڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *