ڪنهن به مسلمان کي ڀارت مان ڪڍيو ويو ته پنهنجي سيني تي گولي کائيندس : رفتار سنگهه

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي سول سوسائٽي کانپوءِ گلوڪار به مسلمانن جي مدد ڪري رهيا آهن. ريپر اسٽار رفتار سنگهه به مسلمانن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان کي ڀارت مان ڪڍيو ويو ته پنهنجي سيني تي گولي کائيندس. هڪ ڪنسرٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مسلمان، هندو ۽ عيسائي سڀ پاڻ م ڀائر آهن، ڪنهن به مسلمان کي ملڪ مان نه ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ ڳالهه صاف صاف ٻڌايان ٿو سڀاڻي ڪيريئر هلي يا نه هلي ڪو مسئلو نه آهي ايترو ڪمائي ورتو آهي جو آخر تائين بک نه مرندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.