ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏنو ويندو: آصف زرداري

دبئي /ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته الطاف حسين کي روزانو جي بهتان بازي نٿي جڳائي. دبئي مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پ پ هميشه متحده سان ٿيل واعدن جي پاسداري ڪئي. هن چيو ته متحده واعدا ڪري ڦري وئي ۽ پ پ کي دوکا ڏنا. آصف علي زرداري چيو ته الطاف حسين جي ناڪاري سياست متحده لاءِ به نقصانڪار آهي. اڳوڻي صدر چيو ته متحده سان سنڌ جي ورهاڱي تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته متحده قومي ڌاري ۾ رهي ملڪ جي خدمت ڪري. آصف علي زرداري واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ بچاءُ جي ڏهاڙي تي پوري پاڪستاني قوم تي اتحاد لاءِ ڀرپورڪوششون وٺڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ملڪ کي سڀني قسمن جي دشمنن کان بچائڻ لاءِ هڪ جٽادارطاقت جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري بچاءُ واري ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي واڌايون ڏيندي ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ پهاڙن جيان ارڏا بنجي دشمنن سان مقابلو ڪندڙن ۽ جان جو نذرانو پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي وطن جي حفاظت لاءِ جن شهادت ماڻي آهي اهي اسان جا هيرو آهن ۽ کين هميشه احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ٻن وزيراعظمن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو طرفان ملڪ جي دفاع کي ائٽمي ۽ ميزائيل ٽيڪنالاجي ذريعي ناقابل تسخير بنائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون هميشه تاريخ جي سنهري بابن ۾ شامل رهنديون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دشمنن کي شڪست ڏيڻ ۽ انهن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ اڄ 6 سيپٽمبر تي هٿياربند فورسزکان وٺي مزدورطبقي تائين سموري قوم کي پنهنجي سموري طاقت کي هڪ هنڌ ميڙي ٻڌي ۾ بدلائڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان لاءِ ڪنهن ملڪ يا ڪنهن دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جي خطرن خلاف ويڙه جي ميدان ۾ هميشه اڳڀرو ٿي مقابلو ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *