ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي طاقت استعمال ڪنداسين:آرمي چيف

روالپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته بهترين تربيت ۽ آپريشنل تياري ئي امن جي ضمانت آهي،ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي طاقت استعمال ڪنداسين.آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف فورٽ عباس ۽ بيما ڳڙهه ويجهو پاڪ فوج جي جاري تربيتي ڪيمپ جو معائنو ڪيو.سندس چوڻ هو ته هي تربيتي ڪيمپ مشقون نئين جنگي حڪمت عملي مطابق ڪيون پيون وڃن.هوائي فوج ۽ پاڪ ايوي ايشين به حصو وٺي رهي آهي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي معيار تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *