ڪنهن بابت ناڪاري راءِ نه رکندي آهيان: يمنيٰ زيدي

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا يمنيٰ زيدي چيو آهي ته هو ڪنهن بابت به ناڪاري راءِ قائم نٿي ڪري سگهي. اها ڳالهه هن تازو هڪ انٽرويو ۾ چئي اهي. سندس چوڻ هو ته هو هاڪاري شخصيت جي مالڪ آهي. کيس افسوس ٿيندو آهي ته اسان هڪ مسلمان معاشري ۾ رهون ٿا هڪ ٻئي بابت اٺي راءِ نٿا رکون. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته کيس پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ ڏکئي ڪردار سان ڪرڻي پئي ۽ سندس ڪوشس هوندي آهي ته پنهنجي ڪردار سان مڪمل طور تي انصاف ڪري. يمنيٰ زيدي ڊراما سيريل عشق زهي نصيب ۾ اداڪار زاهد احمد سان مک ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڊراما سيريل مداحن ۾ مقبوليت ماڻي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *