ڪنهن انسان جو قتل سڀ کان وڏو فتنو ۽ حرام آهي: حج خطبو

hajj-2012-khutbaميدان عرفات(م.ڊ/اين اين آءِ/ اي پي پي) سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز شيخ اسلامي ملڪن جي حڪمرانن کي خبردار ڪيو آهي ته الله کان ڊڄن ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ فلاح جو خيال ڪن، اهو نه وسارين ته اهي الله آڏو جوابده آهن، ڪنهن به مسلمان کي زيب نٿو ڏئي ته هو ڪنهن جهيڙي ۽ فساد ۾ پوي، ايندڙ نسلن جي رتوڇاڻ ۽ فتني کان بچڻ لاءِ تربيت ڪرڻ گهرجي، داعش خوراج ۽ انسانيت جا ويري آهن، ڪنهن به مسلمان کي ناحق قتل ڪرڻ اسلام ۾ حرام آهي، جمعي ڏينهن ميدان عرفات ۾ مسجده نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي، مفتي اعظم چيو ته اسلام ۾ هر طرح جي فحاشي ۽ بدعنوانيءَ کي حرام قرا ر ڏنو ويوآهي. اسلامي ملڪ پنهنجي فوجي ۽ سياسي قوت کي هر طرح سان مضبوط بڻائين. هن چيو ته بدقسمتيءَ سان اڄ اسان پنهنجن مسئلن جو حل پنهنجن دشمنن ۾ تلاش ڪريون ٿا. هن چيو ته مسلمان حڪمران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن، هو اهو نه وسارين ته اهي الله اڏو جوابده آهن. اسلام جا دشمن مستقل سازشن ۾ مصروف آهن. اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ رهون پيا، جنهن ۾ هر طرف سازشون ٿي رهيون آهن. مفتي اعظم چيو ته مسلمان ملڪن جي ميڊيا پنهنجي ذميواري ادا ڪري ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ ڪم ڪري. مسلمان اُمت سڀ کان وڏي داعي ۽ ان کي دنيا کي سڌيءَ راهه تي آڻڻ آهي. هن چيو ته حاجين جي خدمت ڪندڙن لاءِ دعاگو آهيان. سڀ کان افضل ڏينهن يوم عرفه آهي. مفتي اعظم چيو ته هن وقت مسلمان اُمت جنهن مشڪل مان گذري رهي آهي ان جو هڪ سبب اهو آهي ته اسان پنهنجي اخلاق، عادتن ۽ تعليمات کان پري ٿي ويا آهيون. هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آهي. مسلمان هر پريشانيءَ ۾ صبر کان ڪم وٺي. مسلمانن کي گهرجي ته اهي پنهنجي نفس تي قابو رکن. هن چيو ته اسلام مڪمل شريعت آهي جيڪا زندگيءَ جون هدايتون ڪريون ٿو، جيڪڏهن انسان پنهنجي نفس تي قابو نه رکي سگهي ته پٺتي پوڻ شروع ٿي ويندو آهي. انسان الله جي عبادت ڪن ۽ ان جي نعمتن تي شڪر ادا ڪن، اسلام آسان دين آهي، ان اسان لاءِ ڪا مشڪل ناهي رکي، اسلام دين حق ۽ ڪامل آهي جيڪو قيامت تائين رهندو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *