ڪنسلٽنٽ وفاق محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي پاران يوٽيلٽي اسٽورز جو دورو، معيار جو جائزو ورتو

ڪراچي(پ.ر) ڪنسلٽنٽ وفاق محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي غلام سرور خميس ڏينهن ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جو دورو ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۽ معيار جو جائزو ورتو.غلام سرور يوٽيلٽي اسٽور سپر مارڪيٽ پنجاب چورنگي ۽ يوٽيلٽي اسٽور سپر مارڪيٽ ويسٽ پوائنٽ تي پهتو ۽ يوٽيلٽي اسٽورز جي عملي ۽ دڪاندارن کان شين جي اگهن بابت پڇا ڪئي.يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جو بنيادي مقصد رمضان رليف پيڪيج جي نگراني ڪرڻ هو. هن يوٽيلٽي اسٽور تي وڪرو ٿيندڙ شين جي قيمتن ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صلاحڪار چيو ته سمورن رعايتي شين جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ته جيئن ملڪ ۾ لکين ماڻهو ان پيڪيج مان فائدو وٺي سگهن، هن چيو ته هو هتي اهو ڏسڻ لاءِ آيا آهن ته ڇا ماڻهن کي سبسڊي تي شيون وڪرو ٿي رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته هو عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. نواب علي قادري زونل مئنيجر ڪراچي زون ۽ ذوالفقار راحت ريجنل مئنيجر ڪراچي سائوٿ ڪنسلٽنٽ وفاق محتسب سيڪريٽريٽ ريجنل آفيس ڪراچي کي بريفنگ ڏني. زونل مئنيجرز ٻڌايو ته تيل، گيهه، ڪڻڪ، اٽو، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستي اگهن تي وڪرو ٿي رهيون آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *