ڪميونٽيز ۾ وڃي ڪم ڪندڙورڪرن ۽ رضاڪار عورت ورڪرن جو پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ اهم ڪردار آهي: آصفه ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِجدوجهد ۾ بين القوامي مڃتا ماڻيندڙآصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪميونٽيز ۾ وڃي ڪم ڪندڙورڪرن ۽ رضاڪار عورت ورڪرن جو پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ اهم ڪردار آهي، آصفه ڀٽو زرداري، انهن جي ڪميونٽيز۾ وڃي انهي موذي مرض جي خاتمي ۾ سندن ڪردارجي واکاڻ ڪئي آهي آصفه ڀٽو زرداري اڄ بلاول هائوس ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو، پوليو بابت صوبائي ڪوآرڊينيٽرشهناز وزيرعلي، بل گيٽس اينڊ ملينڊا فائونڊيشن جي ڊاڪٽر احمد علي شيخ، محمد عثمان چاچڙ، صحت جي عالمي اداري ڊبليوايڇ او جي ڊاڪٽر ٽومس گرائن، ڊاڪٽر ٽيمسم دميڪي، يونيسيف جي پوليو سربراه اڊينو ليري ۽ هما عارف شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال سڄي  سنڌ مان پوليو جا 30 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 23 ڪيس ڪراچي ۽ باقي ٻيا صوبي جي ٻين علائقن مان ظاهر ٿيا هئا، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪراچي بلڪل پوليو فري شهر آهي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان به صرف 4 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، پوليو جي خاتمي لاءِ هلندڙ مهم ۾ 5 سالن جي عمر جا 1.60726 ملين ٻار شامل رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *