ڪميشن جي رپورٽ ڪجهه پئي چوي ته خان صاحب وري ڪجهه ٻيو: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي بيان جي رد عمل ۾ اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڪميشن جي رپورٽ ڪجه پئي چوي ته خان صاحب وري ڪجهه ٻيو، هن چيو ته خان صاحب مڃي وٺو ته توهان کي عوام رد ڪيو، هاڻي روئڻ بند ڪري خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو، هن اهو به چيو ته عمران خان ڪيتري به ٽال مٽول ڪري سچ اهو آهي ته جيترا به تڪ کليا آهن انهن ۾ کيس شڪست ملي آهي، ڪپتان جي خواهش تي جيڪو به تڪ کليو ان ۾ کيس شڪست ملي، خوشي آهي ته خان صاحب جون ڌانڌلي جون دعوائون ڪوڙ ثابت ٿيون، پرويز رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي طالبان ڀائرن جيان قانون جا فيصلا نه ٿو مڃي، پنهنجي عدالت لڳائي ويٺو آهي، جتي کيس شڪت نظر آئي اتي ڌانڌلي جو راڳ پيو الاپي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *