ڪميشن انهن تڪن کي فوڪس ڪيو آهي جتي وڌيڪ بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن 11 تڪن جي آر اوز کي اڄ طلب ڪري ورتو، نادرا کان 40 تڪن جي پري اسڪين رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني جڊيشل ڪميشن عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جي فارم 15 بابت غور ويچار ڪيو ويو. عدالتي ڪميشن جي سربراهه چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته ڪميشن انهن تڪن کي فوڪس ڪيو آهي جتي وڌيڪ بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا، انهن 11 تڪن جي آر اوز کي طلب ڪيو آهي جتي 10 سيڪڙو وڌيڪ بيلٽ پيپر جاري ڪيا وياچيف جسٽس چيو ته انهنتڪن جي آر او کي پهرين ئي الرٽ ڪيو وڃي ته انهن کي سڏايو ويندو، نادرا کان انهن 40 تڪن جي پري اسڪين رپورٽ گهرائي آهي جن تي اليڪشن ٽربيونل فيصلا ڏنا آهن چيف جسٽس چيو ته انهن 11 تڪن جا فارم 15 به گم آهن، ٽن تڪن ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ بيلٽ پيپر ڇاپڻ سٺو سنئوڻ ناهي، جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم چيو ته اليڪشن ڪميشن مطابق سعد رفيق جي تڪ تي 30 سيڪڙو وڌيڪ بيلٽ پيپز ڇاپيا ويا عبدالحفيظ پيرزادي جو چوڻ هو ته ڪائونٽر فائل به ووٽن جي تصديق لاءِ اهميت رکن ٿا، ن ليگ جي وڪيل شاهد حامد جو چوڻ هو ته بائيو ميٽرڪ نظام 2013 جي اليڪشن وقت فعال نه هو، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ فوٽو سان به ووٽن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته 11 تڪن مان 2 تڪن جو رڪارڊ ريٽرننگ آفيسرن کان به نه مليو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته رڪارڊ ملڻ ۾ مشڪل آهي ته ڪميشن کي ٻڌايو، ڪميشن پاڻ رڪارڊ گهرائي وٺندي، جيڪو رڪارڊ ڪميشن کي کپي اهو جمع ڪرايل رڪارڊ ۾ شامل ناهي، 11 تڪن جو رڪارڊ سياسي جماعتن کي به فراهم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *