ڪميشن آئيني ادارو آهي، ڪنهن سياسي جماعت آڏو جوابده ناهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي مطالبي تي استعيفائون ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ڪنهن سياسي جماعت آڏو جوابده ناهي. اليڪشن ڪميشن، عمران خان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو. جواب ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ڪنهن سياسي جماعت آڏو جوابده ناهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پاران ڏنل جواب ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کان اهڙي ريت وضاحت نه ٿو وٺي سگهي. سيڪريٽري موجب اليڪشن ڪميشن جڊيشل ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي. جواب ۾ چيو ويو ته عمران خان جيالزامن جو جواب ڏنو ويو آهي، بي بنياد الزام هڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جو جوابي خط ملي ويو آهي جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي جنهن تي اڄ شام تائين ردعمل ظاهر ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *