ڪمند جي سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿيڻ سبب آبادگارن کي وڏو نقصان پيو ٿئي: شهريار مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو آهي ته شگر ملز مافيا پاران ڪمند جي سرڪاري اگهه تي عمل نه ٿيڻ سبب آبادگارن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار مهر چيو ته ڪمند جي اگهه تي عمل نه ٿيڻ واري معاملي تي حڪمران جماعت جا ميمبر به ساڻن گڏ آهن. اپوزيشن ليڊر چيو ته حڪومت جي بيوسي سڀني جي سامهون آهي،سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن سان ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن خلاف هو آواز اٿاريندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *