ڪمند جي آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن سان اجلاس ڪوٺائي معاملا نبيريا وڃن: وڏي وزير جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه زراعت واري صوبائي سيڪريٽري کي ڪمند جي آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن سان ڌار ڌار اجلاس ڪري ڪمند جي اگهن جي مسئلي جو حل ڳولهڻ جي هدايت ڏني آهي. وڏي وزير چيو آهي ته ڪمند جي اگهن جي تڪرار سبب ٻنهي ڌرين کي مالي نقصان ٿي رهيو آهي جيڪو اسين سنڌ صوبي جو نقصان سمجهون ٿا ۽ اهڙي نقصان جي اسين سٽ نه ٿا سهي سگهون. اها هدايت وڏي وزير زراعت واري صوبائي وزير علي نواز مهر،وڏي  وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ،زراعت واري صوبائي سيڪريٽري گلزار شيخ ۽ ٻين آفيسرن سان چيف منسٽر هائوس ۾ منعقد اجلاس ۾ ڏني آهي. چيف منسٽر هائوس مان جاري هينڊ آئوٽ موجب اجلاس ۾ ڪمند جي مسئلي ۽ ان تڪراري اشو کي حل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ صوبائي وزير بريفنگ ۾ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اهو مسئلو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ان لاءِ هو ان حتمي فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهي ۽ ان معاملي ۾ مداخلت کان پاسو ڪري رهيو آهي. پر سندس انتظاميه سنڌ حڪومت پاران ڪمند جي مقرر ڪيل اگهه تي عمل نه ڪندڙ مل مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. هن چيو ته زراعت وارو صوبائي سيڪريٽري ۽ هو پاڻ ٻنهي ڌرين سان اجلاس ڪري کين ڪورٽ کان ٻاهر ان مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا. وڏي وزير صوبائي سيڪريٽري کي ايندڙ 9 فيبروري تائين ٻنهي ڌرين جو اجلاس طلب ڪرڻ ۽ وڌيڪ دير کانسواءِ مسئلي جو حل ڳولهڻ جي هدايت ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن اهو مسئلو عدالت ۾ چيلينج نه ڪيو ويو هجي ها ته هن وقت سنڌ حڪومت ان مسئلي کي انتظامي طور تي حل ڪري چڪي هجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *